Abdul Latif Jokhio

Muhabat Sindh J Culture Jo Qadeem Wirso Ahe.

youtube.com/user/Latifjokhio

latifjokhio@gmail.com


Abdul Latif Jokhio

صوبے کے 6 بڑے شہروں میں بڑی اسکرین پر پاک بھارت میچ دکھانےکا اعلان
#AsiaCupFinal
##Asiacupfinal2025

5 months ago | [YT] | 4

Abdul Latif Jokhio

"Nations are not created by borders, but by shared culture, language, and history."
"قومون سرحدن سان نه، پر گڏيل تهذيب، ٻولي ۽ تاريخ سان بڻجن ٿيون."

10 months ago | [YT] | 31

Abdul Latif Jokhio

Noor Ahmed Janjhi...

The Indus Civilization had been one of the oldest civilizations of the world. It was discovered during the findings at Harappa and Muhiyyan jo Daro. The excavations took continuous five winter season (1922-1927) as described by Sir John Marshall in the preface to the report (three volumes) documented on Muhiyyan jo Daro. He mentions the correspondence in the general features with the Chalcolithic cultures of the West Asia and Egypt. However, there had been some unique features particularly associated with the Indus Culture. These are:
1.Use of Cotton for Textiles
2. Well built baths and Commodious Houses
3.Great Bath
4. Arts, Crafts and Entertainments
5. A well arranged system of writing and seals
Sir John Marshal has done a wonderful documentation in this report consisting of different themes and field work. Most of the chapters are written by Sir John Marshall himself but some chapters are written by Earnest Mackay, Mr Hargreaves, Dayaram Sahini and others. The report reflects different aspect of this great grand and pompous civilization. Firstly it was demonstrated in comparison with the Mespotamian Civilization. Despite the comparative description, it is evident that Indus Civilization is unique, vast and well planned civilization of the world. Secondly, it is reflected that it was attacked by the people of north called Aryans and the Indus people were dasas or slaves. It is against the established foundations of history and archaelogy because there was no civilization prior to that of the Indus Civilization. Thirdly, the description was based on the study in the light of the Vedas, especially Rg Veda. The Indus Civilization is much more ancied than the Vedas. The Vedas are the reflection of the mature phase of the Indus Civilization. Fourthly, the findings are extracted from linguistic analysis without deciphering of the Indus Seals. Linguistically, calling it a Dravidian Civilization, all of the supposition were concocted and the undeciphered language was associated with the languages of the south of the subcontinent. All of it was aranged to declare the Aryan Invasion Theory dissegregating the people of the subcontinent from so called Aryans and to make them realize that they had been dasa or 'slaves'. This legacy of the slavery was planted there in this way to strengthen the western supremacy over the east. Mr B B Lala, a renowned research scholar has discussed different aspects of the Aryan Invasion Theory. Mr B B Lal writes, " This theory was given a boost by Mortimer Wheeler in the middle of 40s. While reporting on his excavations at Harappa (Wheeler 1947: 82) he pronounced the verdict :' On circumstantial evidence Indra accused.' In this way, he stands with the Aryans, whose God was Indra. Having analysed the different aspects of the theory B B Lal concludes, " Indra must be exonerated from the charges of having massacred the Mohenjodarians and having destroyed the Harappa forts."
Therefore, it is the need of hour to analyse the findings beyond to the consideration of Aryas and Dasas, by deciphering the Indus Seals in the light of the oldest languages of world as Hebrew, Aramaic etc to establish the antiquity and range of the Indus Civilization

11 months ago | [YT] | 4

Abdul Latif Jokhio

۽ جڏھن الطاف حسين (تواريخ جا ورق)
سيد جي پيرن تي ڪري پيو ـ ـ
√ سنڌ کي ٻھ ٽڪر ڪرڻ واري لاڦ ڪا نئين ناھي ـ اھڙيون ڀڀڪيون اڳ بھ لڳيون ۽ ھاڻي بھ لڳن پيون ـ فرق ايترو آ تھ اڳ ڪتن کي پادر ڏيکاريندڙ پيدا ٿيندا ھئا پر ڪجھ ڏھاڪن کان سنڌ ۾ اھڙا جوڌا پيدا ٿيڻ شايد بند ٿي ويا آھن ـ
√ ان وقت سائين جي ايم سيد جيئرو ھو ـ سيد اھڙن جوڌن جي مالڪي وارثي ڪندو ھو ـ سيد انھن جو حقيقي ڀرجھلو ھو ـ انھن جو اتساھ ھو ـ وڏو ھو ۽ وڏي جي سر تريء رکي ھلندڙ ٽيم ھئي ۽ انھن جي ھڪ وڏي تواريخ آ جيڪا ھاڻي ڪو لکي بھ ڪونھ پيو تھ اھا تواريخ ڪير دھرائي بھ ڪونھ پيو ـ
√ سائين جي ايم سيد کانپوء خود وڏو بشير خان بھ ڪجھ مصلحتن ۽ مجبورين جو اھڙو شڪار رھيو جو نوجوانن جي نھ اھڙي ٽيم کيس ملي سگھي ۽ نھ ئي انھن جو ڀرجھلو بڻجڻ لاء ھو پاڻ بھ ذھني طور تيار ئي ٿي سگھيو ـ جڏھن تھ وٽس وڏا سرڦريا بھ موجود ھئا جن لياري گينگ وار کي ئي "ھڪ جي ڀيٽ ۾ ڏھ" جا ٽوٽا چٻائي ڇڏيا ـ جيڪي سندس ھڪ اشاري تي ڪجھ بھ ڪري سگھڻ جي صلاحيت رکندا ھئا ـ پر وڏي جو خيال ھو تھ ھو سيد وانگي ايڏو وزن کڻي نھ ٿو سگھي ـ
√ سنڌ کي ٻھ ٽڪر ڪرڻ واري ڳالھ اڳ "شير حيدرآباد" سڏجندڙ ايم ڪيو ايم جي ميئر آفتاب شيخ بھ ڪئي ھئي ـ جنھنجو ان وقت جي نوجوانن اھڙو حشر ڪيو جو اڳوڻي صحافي زلفي ميراڻي موجب تھ : ميئر آفتاب شيخ کيس انٽرويو ۾ ان حملي بابت ڪجھ ھنن لفظن ۾ بيان ڪيو تھ : ائين محسوس ٿيو ڄڻ حملي آور جو قد آسمان جيڏو ھو ـ ان جا پير تھ زمين تي محسوس ٿيا پر سندس مٿو آسمان سان لڳي رھيو ھو ـ اھي جي ايم سيد جا پوئلڳ بشير قريشي ۽ سندس ساٿي ھئا ـ
√ وڏي سان ٿيل سوين ڪچھرين ۾ ھڪ ڪچھري 17 جولاء 1988 تي ميئر آفتاب شيخ تي ٿيل حملي واري واقعي تي پڻ ٿي ـ ڪافي اھڙيون ڳالھيون جيڪي وڏي جي جيئري "آن دي ريڪارڊ" نھ پيون ڪري سگھجن پر اھي اڄ "آف دي ريڪارڊ" رکڻ تواريخ سان زيادتي ٿيندي ـ ـ ـ پاڻ ئي ٻڌايائين پئي تھ : اسان (وڏو ـ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ـ فيض جکرو ـ ڊاڪٽر صفدر سرڪي ـ منير شاھ ـ مصطفا جانوري ـ انيس پيرزادو ـ طارق عباسي ـ ممتاز تنيو ۽ ٻين) پاڻ ۾ بحث ڪيو تھ عام مھاجرن سان اسانجي ڪابھ دشمني ناھي ـ اھي ارتقا ۾ اڳتي ھلي سنڌ کي پنھنجي ماء قبول ڪندا پر ڪجھ بددماغ انھن کي ورغلائي سنڌ ڌرتي کي ٻھ ٽڪر ڪرڻ جون ڳالھيون ڪري انھن کي سبز باغ ڏيکاري گھرو ويڙھ لاء استعمال ڪرڻ چاھين ٿا ـ جيڪڏھن انھن کي سڌو ٽارگيٽ ڪيو وڃي تھ سنڌ خلاف سازشون بند ٿي سگھن ٿيون ـ ـ ـ سو اسان ان ڏس ۾ ڪجھ ٽارگيٽ ڪياسين ـ ان وقت حيدرآباد جو ميئر آفتاب شيخ وڏي مستي ۾ ھئو ـ سو اسان کيس پڻ ٽارگيٽ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ـ جيڪو انتھائي ڏکيو ڪم ھو ـ جنھن لاء ڊاڪٽر صفدر سرڪي پنھنجي گاڏي ڏني پر پاڻ ڪٿي ٻئي ھنڌ رھيل ھو ـ واردات ۾ اڳيان مان ـ ڊاڪٽر نياز ۽ فيض جکرو ھئاسين جڏھن تھ مصطفا جانوري ۽ ٻيا اسان کي ڪور ڏئي رھيا ھئا ـ اسان وڏي تاڙ بعد ھمت ڪري ڪم ڪري اتان نڪري ۽ وکري تھ وياسين پر پوليس ۽ گارڊ اتان ئي اسانجي ڪڍ لڳا ـ چوڌاري شھر جي ناڪابندي ٿي وئي ـ ٻيا دوست تھ پلاننگ موجب کسڪي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا پر ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي ۽ مصطفا جانوري مونسان گڏ رھيا ۽ حسين آباد ۾ اسان گھيري ھيٺ اچي وياسين ـ تھ واپڊا ڪالوني جي پويان گندي تلاء ۾ لھي پياسين ـ جتان مصطفا جانوري تھ نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو پر ڄنگھ ۾ ڌڪ لڳڻ سبب مان ھلڻ ۽ڊوڙڻ کان ھلاڪ ٿي پيس ـ اھڙي ويل منھنجي زوربار باوجود ڊاڪٽر نياز مونکي ڇڏڻ لاء تيار نھ ٿيو ـ مان پوليس ۽ گارڊن جو "موسٽ وانٽيڊ ٽارگيٽ" ھئس ۽ منھنجي ملڻ تي ھو مونکي مارڻ چاھين پيا سو مون حالتن کي سمجھندي دل ئي دل ۾ مرڻ جي تياري ڪري ورتي ـ مون ڊاڪٽر نڪري وڃڻ جو چيو ۽ کيس دڙڪا بھ ڏنا پر ھو گڏ مرڻ جي موڊ ۾ ھئو ـ آخر ڊاڪٽر کي پيار مان چميون ڏئي بھ سمجھايم تھ ھن نيٺ نڪرڻ لاء پنھنجي پلاننگ پيش ڪئي ـ پلاننگ تحت ڊاڪٽر پوليس جو ڌيان مٽائڻ لاء ھڪ پاسي ڊوڙيو تھ پوليس بھ سندس پويان ڪاھي پئي ائين ڊاڪٽر ڪجھ پري وڃي سرينڊر ڪيو ۽ مونکي بچاء جو رستو ڏئي ويو ـ جتان مان ڪجھ دير بعد ٻاھر نڪتس ـ ـ ـ ـ پوء مون ٻاھر نڪري اھو اعلان ڪيو تھ ھاڻي الطاف حسين جو وارو آھي ـ جيڪا ڳالھ ھنن تائين پھتي ـ ـ ـ وڏي ٻڌايو تھ : مان ڊاڪٽر جي گرفتاري ـ قرباني ۽ 555 ٽارچر جي اذيت جو ٻڌي اڪثر روئندو ھئس ـ ھن وڏو تشدد برداشت ڪيو ـ ھن پنھنجي حاضر دماغي سان نھ رڳو مونکي انڪائونٽر ٿيڻ کان بچايو پر ڪيس ۾ منھنجو نالو اچڻ بھ نھ ڏنو ـ ان بعد مان ڳوري دل سان سائين جي ايم سيد وٽ وڃي ڪراچي ۾ پيش ٿيس ـ جيتوڻيڪ اھڙين وارداتن تي سيد ڪاوڙبو ھو پر ان واردات تي سيد نھ ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ نھ ئي شاباسي ڏنائين ـ سائين کي ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي جو وڏو الڪو ھيو ـ ان لاء سيد ابتدائي طور چاچي حفيظ قريشي کي وڪيل ڪيو ۽ بعد ۾ حفيظ پيرزادي کي اھو ڪيس وڙھڻ لاء ڏنائين ـ
√ وڏي چواڻي : تھ مان سيد وٽ حيدر منزل ڪراچي تي ئي ترسيل ھئس تھ ايم ڪيو ايم جو قائد الطاف حسين سائين سان ملڻ آيو ۽ سائين مونکي پاسي تي رھڻ جو چيو ـ سيد ۽ الطاف جنھن ڪمري ۾ ڳالھائي رھيا ھئا تھ مان بھ در جي اوٽ وٺي سندس ڳالھيون ٻڌيون پئي ـ الطاف حسين ڏاڍو ھيسيل ھو ۽ سائين کي سنڌ خلاف ڪوبھ موقف نھ ڏيڻ جو بار بار يقين ڏياريندي منٿون پئي ڪيون ۽ معافيون پئي گھريون ـ ۽ بار بار اھو بھ چيو پئي تھ "سائين بشير خان ڪو روڪو" ـ ـ ائين ڳالھين دوران اوچتو سائين مونکي سڏ ڪيو تھ مان تھ در تي ئي بيٺو ھئس سو در جي سامھون اچي ويس تھ مون ڏٺو تھ الطاف حسين مونکي ڏسڻ شرط صوفي تان ھيٺ لھي سيد جي وڃي پيرن ۾ ويٺو ۽ " سائين اس ڪو روڪو " جو ورد ڪرڻ ۽ ٻاڏائڻ لڳو ـ جڏھن تھ سيد کيس پيرن مان اٿي واپس صوفي تي ويھڻ لاء زور ڀري رھيو ھو پر ھو اتان اٿڻ لاء تيار نھ ھو ـ پوء مون کيس داٻي واري انداز ۾ چيو تھ "سائين جي ٻڌين نھ ٿو ـ ـ مٿي ويھ" تھ الطاف حسين يڪدم پوئتي کسڪي وڃي مٿي ويھي رھيو پر ھن جو منھن سائين ڏانھن ھو ۽ سندس ھٿ معافي جي انداز ۾ ٻڌل ھئا ـ ـ پوء سيد منھنجي سامھون خاطري ڪرائيندي کيس چيو تھ "بشير قريشي ھاڻي توسان نھ وڙھندو ۽ آفتاب شيخ واري ڪيس جي ايم ڪيو ايم بھ پوئواري نھ ڪندي ـ "
√ وڏي چواڻي : اسان ايم ڪيو ايم کي نفسياتي ۽ سياسي طور ڪمزور ڪري ڇڏيو ھو پر سگھارن ادارن جي پالتو ڪجھ پنھنجي سنگت 30 سيپٽمبر واري غلطي ڪري عام بيگناھ ماڻھن ۽ پورھيتن جو رت وھائي سنڌي ۽ اردو ڳالھائيندڙ سنڌين ۾ وڏا ويڇا وجھي ڇڏيا ۽ ردعمل ۾ پھرين آڪٽوبر وارو واقعو ٿيو جنھن ۾ سنڌي قوم جو وڏو نقصان ٿيو ـ ھڪ پاسي ڪراچي ۾ چونڊ سنڌي ٽارگيٽ ڪيا ويا تھ ٻئي پاسي ايم ڪيو ايم کي عوامي پذيرائي ملي ۽ اھا مضبوط ٿي ـ
√ وڏو ان ڳالھ جو اظھار پڻ ڪندو ھو تھ سيد ڪڏھن بھ کيس ڪنھن ٽارگيٽ لاء نھ چيو ـ ـ ـ ھڪ دفعي مير زمان تي سيد رڳو ڪاوڙ جو اظھار ڪيو ۽ چيو تھ ان ڪتي جي ڀونڪ بند ٿيڻ گھرجي ۽ مان اتان سائين کان موڪلائڻ کان سواء ئي کسڪيس ۽ سنگت کي وٺي وڃي مير زمان کي ٽارگيٽ ڪيوسين ـ وڏي اھڙو اظھار بھ ڪيو تھ "جيئن سيد کي بشير قريشي مليو جيڪو سندس تاثر سمجھي وڃي ڪم سان لڳندو ھو پر مونکي اھڙو بشير قريشي نھ ملي سگھيو آ ۽ ڊاڪٽر کي مان ھاڻ وڃائڻ نھ ٿو چاھيان ـ اسان وٽ سينئر سياسي ڪيڊر ٻيو آھي ئي ڪونھ ـ ـ باقي فيض جکري جي مونکي ڏاڍي ڪمي محسوس ٿيندي آ

1 year ago | [YT] | 7

Abdul Latif Jokhio

ڪراچي : مغل سلطنت جي آخري بادشاھ بهادر شاھ ظفر جي نالي سان منسوب مارڪيٽ جي بلڪل ويجهو ئي هڪ عمارت جي بالڪونيءَ جي لوهي گرل ۾ چوڪڙيءَ ۾ لوھ سان گانڌي جيءَ جون تصويرون نقش ٿيل ، عمارت تي ٺھيل پٿر جي تختي مطابق 1933 ۾ هيءَ عمارت جڙي راس ٿي۔

1 year ago | [YT] | 3

Abdul Latif Jokhio

www.facebook.com/naseer.gopang/videos/118596545582…
علي آڪاش جي شاعري نصير گوپانگ صاحب جي زباني

ڌرتيءَ جي بقا ۽ انهن جي حقن خاطر جدجهد ڪندڙ سنڌ جي جوڌن جي لاءِ هڪ نظم ، جيڪي مختلف الزام ، طنعا توڙي سختيون برداشت ڪرڻ جي باوجود پنهنجي ڌرتيءَ خاطر ميدان عمل سرگرم آهن.

نه لوفر، نه ٿوڪا، نه بدچال آهن
اِهي سنڌ ڌرتيءَ جا رکوال آهن
ائين هُو به آهن اجهل جيئن جهرڻا
اٽل نوجوان هي ، نه ڦرڻا، نه گِهرڻا
اُتم لُوءِ جا لال لڄپال آهن
اِهي سنڌ ڌرتيءَ جا رکوال آهن
نه چونڪه چناچه جا هيراڪ آهن
سڌي ڳالهه سمجهن ٿا، بيباڪ آهن
اگر ۽ مگر ۾ نه احوال آهن
اِهي سنڌ ڌرتيءَ جا رکوال آهن
دراوڙ دلين جو اهو ڏوهه آهي
وطن چونڊ تن جي مٽي موهه آهي
نه موهيا اهي ، ڪنهن به ٻي مال آهن
اِهي سنڌ ڌرتيءَ جا رکوال آهن.

1 year ago | [YT] | 8

Abdul Latif Jokhio

شهيد صحافي نصر الله گڏاڻي جي جنازي نماز، هيءَ گهوٽڪي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جنازو آهي
Shaheed Sahafi Nasrullah Gadani Ji Janaze Namaz, Ghotki G Tareekhi Sabh Kha Wado Janazo Ahe.

1 year ago | [YT] | 24

Abdul Latif Jokhio

https://youtu.be/Jb9fzOKqiqc
------------------------------------------------------------------------
Darya Sindh Mari Chuko Ahe, Un Khe Jiyaran Lae Qudurti Wahkran Khe Bahal Karan Ji Zarorat Ahe : Yasmeen Shah
درياءِ سنڌ مري چڪو آهي، ان کي جيارڻ لاءِ قدرتي وهڪرن کي بحال ڪرڻ جي ضرورت آهي : ياسمين شاهه
------------------------------------------------------------------------
#IndusRiver | #arabiansea | #karachi Ibrahim Hyderi |

1 year ago | [YT] | 8

Abdul Latif Jokhio

youtube.com/shorts/dJ_8iJg_PLU
#youtubeshorts #youtube #latifjokhio
Wadi_E_Zehra Ranipur Sindh | 2024 |
Zyarat Wadi e Zehra Ranipur | Shrine Imam Hussain |

1 year ago | [YT] | 11