Sindhi Wikipedia

Official channel of Sindhi Wikipedia (the free online encyclopedia), Sindhi Wiktionary (the free online dictionary) & other Sindhi languages Wikis projects.

Sindhi Wikipedia URL Sindhi Wiktionary URL
sd.wikipedia.org sd.wiktionary.org


Follow Us at Social Media sites

Facebook pages

www.facebook.com/SindhiWikipedia
www.facebook.com/sindhi.wiktionary
www.facebook.com/SindhiWikipediaMentorship/

#Instagram
www.instagram.com/Sindhi_Wikipedia_Official/

Google Plus
plus.google.com/u/0/100339285149175739728
plus.google.com/100339285149175739728

Tumblr
sindhiwikipedia.tumblr.com/



Sindhi Wikipedia

سنڌي وڪيپيڊيا تي 20 ھزار مضمونن جو مائليسٽون سنگ ميل پورو ٿيڻ تي سنڌي قوم کي لک لک واڌايون هجن.🌹😊🤍❤️

2 days ago | [YT] | 1

Sindhi Wikipedia

ادا Kashif Mako جي ٿورن سان روزاني سڪار ۽ پورھيو آنلائين ويبسائيٽ تي ڇپيل

سنڌي وڪيپيڊيا طرف اچو

مھتاب احمد

اڄ جي جديد دور ۾ انٽرنيٽ جو استعمال تمام گھڻو وڌي ويو آھي. تڪڙي معلومات حاصل ڪرڻ لاءِ نوجوان طبقو تمام گھڻو انٽرنيٽ تي ڀاڙي ٿو. گوگل ۾ جڏھن ڪا شيءِ ڳولبي آھي تہ پھريون نتيجو جيڪو گوگل ڏيندو آھي اھو وڪيپيڊيا جو ھوندو آھي. مثال طور توھان Sindh لکي سرچ جي بٽڻ تي ڪلڪ ڪندئو تہ انگريزي وڪيپيڊيا تي لکيل سنڌ جو مضمون سڀ کان پھريان ايندو. ان جو سبب اھو آھي تہ وڪيپيڊيا تي لکيل مضمون ڪيترن ئي ذريعن مان حاصل ڪيل ڄاڻ جو نچوڙ ھوندا آھن. گڏوگڏ وڪيپيڊيا جو مضمون ڪنھن بہ عنوان جي تقريبن ھر پاسي کان معلومات تي مشتمل ھوندو آھي.
تمام گھٽ ماڻھن کي خبر ھوندو تہ وڪيپيڊيا جو سنڌي ۾ بہ ايڊيشن آھي. سنڌي وڪيپيڊيا احسان احمد عرساڻي صاحب جي ٿورن سان 12 سال اڳ وجود ۾ آئي. پر ھن وقت تائين ھن ويبسائيٽ تي 12 ھزارن کان بہ گھٽ مضمون آھن. ان جو سبب اھو آھي تہ وڪيپيڊيا تي لکيل مضمون بغير ڪنھن معاوضي جي عام ماڻھن پاران تخليق ڪيا ويندا آھن ۽ ان کي ڪوبہ شخص سنواري سگھندو آھي. جيڪڏھن ڪو شخص مضمون خراب ڪندو تہ ان مضمون کي واپس ساڳي صورت ۾ آڻي سگھجي ٿو ۽ اھڙن واپرائيندڙن تي بندش بہ وجھي سگھجي ٿي جيڪي مضمون کي خراب ڪن. اھي ڪم ويبسائيٽ جي منتظم ڪندو آھي.
پاڪستان جي ٻين ٻولين مان ھن وقت اردو وڪيپيڊيا جا مضمون سڀ کان وڌيڪ آھي جن جو تعداد ھڪ لک چاليھ ھزار کان مٿي آھي جڏھن تہ پنجابي وڪيپيڊيا تي چاليھ ھزارن کان مٿي مضمون موجود آھن. ان کانپوءِ سنڌي وڪيپيڊيا تي 12 ھزار کان ٿورو گھٽ مضمون آھن. ان ڳالھ جو سبب اسان جي نوجوانن ۽ تعميري ڪمن ڏانھن لاڙو نہ ھجڻ آھي.
سنڌي وڪيپيڊيا طرف ڌيان ڇڪائڻ لاءِ اسان جي محترم دوست جوڳي اسد راڄپر مئي 2017ع ۾ وڪيميڊيا فائونڊيشن جي سھڪار سان ممتاز مرزا آڊيٽوريم ڪراچي ۾ ھڪ آگاھي ۽ تربيتي ورڪشاپ ڪوٺائي. افسوس جھڙي ڳالھ آھي جو ان تقريب ۾ 10-12 ماڻھن کانسواءِ ڪوبہ نہ آيو.
نوجوان جتي پنھنجي قيمتي وقت جو ڪيترو ئي حصو سماجي رابطن جي ويبسائيٽن تي گذارين ٿا جيڪڏھن ڏينھن ۾ يا ھفتي ۾ ھڪ ڪلاڪ بہ سنڌي وڪيپيڊيا کي ڏين تہ ھوند ٻوليءَ لاءِ ترقي جون نيون راھون کلي پون. جيڪڏھن اسان ھڪ ٽيم ٿي پياس تہ ان جا ڪيترائي فائدا ملي سگھن ٿا. انڊيا جي وڪيميڊيا برادري جا ڪيترائي رڪن ٻاھرين ملڪن ۾ آزاد ۽ مفت معلومات لاءِ ٿيندڙ پروگرامن ۾ ھر سال شرڪت ڪن ٿا ۽ پاڻ وٽ بہ پروگرام ڪرائن ٿا. نہ رڳو اھو پر ھنن کي پنھنجون خدمتون ڏيڻ لاءِ ليپٽاپ بہ تحفي طور مليا آھن.
دوستن کي گذارش آھي تہ ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ لاءِ اسان سان رابطي ۾ اچن. اسان ھر وقت سندن سڏ ۾ سڏ ملائڻ لاءِ تيار آھيون. اڄ ٻوليءَ جي ڪيل خدمت ان جو مستقبل محفوظ ڪري ڇڏيندي.

سنڌي وڪيپيڊيا جي ويبسائيٽ:sd.wikipedia.org/
سنڌي وڪيپيڊيا جو فيسبڪ تي صفحو: www.facebook.com/Sindhi.Wikipedia.official
سنڌي وڪيپيڊيا جو لنڪڊان جو پيج:
www.linkedin.com/company/sindhi-wikipedia-the-free…

سنڌي وڪيپيڊيا واٽس ايپ چينل:
whatsapp.com/channel/0029VaHiYxILdQeUNtmKjb1P

سنڌي وڪيپيڊيا يوٽيوب چينل:
youtube.com/@SindhiWikipedia

ليکڪ سنڌي وڪيپيڊيا جو سرگرم ڀاڱيدار آھي.
#وڪيپيڊيا #سنڌي_وڪيپيڊيا #Wikipedia #Sindhi_Wikipedia #SindhiWikipedia

1 year ago | [YT] | 0

Sindhi Wikipedia

ڏکڻ اوڀر پاڪستان ۾ ثقافتي لحاظ کان شاهوڪار علائقو ٿر جي چرندڙ ڦرندڙ رنگارنگي ذريعي هڪ درشٽي ياترا شروع ڪريو!🇵🇰✨
ٿر جي وشال ريگستان ۾ واقع، سنڌي، بلوچي ۽ راجسٿاني جھڙيون مختلف مقامي برادريون وڌي ويجھي رهيون آهن، جن مان هر هڪ پنهنجي منفرد روايتن، ريتن رسمن ۽ زندگيءَ جو طريقو جوڙي ٿو. توهان جي لينس ۾ هن ثقافتي ڪليڊوسڪوپ کي سانڍڻ ۽ جشن ملهائڻ جي طاقت آهي. شامل ٿيو عالمي فوٽوگرافي مقابلو وڪي پريت لوڪ وارتا (وڪي لووز فوڪلور) 2024 ۾، دنيا سان ونڊيو ٿر جي ورثي جو جادو. 📸🌏

وڪي پريت لوڪ وارتا پاڪستان
فوٽوگرافي مقابلو جو ڳنڍڻو 👇
w.wiki/8hLM

#WikiLovesFolklore #TharCulture #CulturalHeritage #PreserveTraditions

#وڪي_پريت_لوڪ_وارتا

1 year ago | [YT] | 0

Sindhi Wikipedia

سنڌي وڪيپيڊيا سٿ پاران ھلندڙ توڙي ايندڙ رٿائن بابت تازيون سرگرميون سماچار لاءِ فالو ڪريو.
Follow the Wikimedia Sindh channel on WhatsApp: whatsapp.com/channel/0029VaHiYxILdQeUNtmKjb1P

1 year ago | [YT] | 0

Sindhi Wikipedia

وڪي پريت لوڪ وارتا (وڪي لووز فوڪلور) پاڪستان فوٽوگرافي مقابلو، جنھن سلسلي ۾ اڄ ورڪشاپ به ٿيو. ساڳئي مقابلي ۾ تصوير يا فائل چاڙهڻ جو طريقو.

وڪيميڊيا ڪامنز تي فائل اپلوڊ ڪيئن ڪجي
https://youtu.be/8Rx1YzmnrcY?si=72Xvs...

1 year ago | [YT] | 0

Sindhi Wikipedia

'
"*شيخ اياز ، شاھ عبداللطيف ڀٽائي سميت ٻين سنڌي شاعرن اديبن جي چوڻين توڙي شعرن جا ٽڪرا، ڪتاب ۽ ٻيو گھڻو ڪجھ وڪي قول، وڪي سورس تي آڻي سگھجن ٿا.اھڙيون ٻيون انيڪ رٿائون وڪيميڊيا فائونڊيشن جي رٿائن تان سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻي سگھجن ٿيون، پر ان لاءِ نڪي سنڌي ماڻھن، اديبن، تعليمدانن جو اسان سان ڪوئي سھڪار آ نڪي ادارن جو نڪي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي جو، جيڪڏھن اھي سڀ اسان سان ٻانھن ٻيلي ٿين ته اسان گھڻو ڪجھ سنڌي ٻوليءَ ۾ آڻي سگھون ٿا ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي ٻوليءَ جي اوسر ۽ واڌ ويجهه ۾ اڳڀرا ٿي سگھون ٿا* ".~ جوڳي اسد راڄپر #ج_ا_ر

1 year ago | [YT] | 0

Sindhi Wikipedia

ویکی پریت لوک داستان پاکستان ~ جوگی اسد راجپر

سندھی ویکی میڈیا کمیونٹی 2024 میں ویکیمیڈیا کامنز پر ایک عالمی فوٹوگرافی مقابلہ منعقد کر رہی ہے تاکہ ویکیمیڈیا کامنز پر پاکستان میں رہنے والی مختلف قوموں کی لوک ثقافت کو دستاویزی شکل دی جا سکے اور پاکستانی ثقافت کے رنگوں اور پنپنے کو دنیا کے ساتھ بانٹ سکیں۔ سندھی ویکیپیڈیا آزاد علمی انسائیکلوپیڈیا ویکیپیڈیا کا سندھی زبان کا ایڈیشن ہے۔ جبکہ سندھی ویکیمیڈیا کمیونٹی ویکیپیڈیا اور ویکیمیڈیا کے دیگر آزاد تعلیمی منصوبوں پر کام کرنے والے رضاکاروں کی ایک غیر منافع بخش تنظیم ہے۔
آئیے یہ سمجھنے کی کوشش کرتے ہیں کہ فوٹو گرافی کا یہ مقابلہ کیا ہے، اس میں کیسے حصہ لیا جائے، اس کے معیارات، مرکزی خیال، قواعد وغیرہ کیا ہیں۔ ان تمام سوالات کو آپ قارئین کی سہولت کے لیے ذیل میں تفصیلی طور پر بیان کیا گیا ہے۔

ویکی پریت لوک داستان ایک سالانہ بین الاقوامی فوٹوگرافی مقابلہ ہے جس کا انعقاد ویکیمیڈیا کمیونٹی کے اراکین نے دنیا بھر کے مقامی ویکیپیڈیا شراکت کنندگان کی مدد سے کیا ہے۔ جس میں شرکاء اپنے کیمروں سے مقامی لوک ثقافت اور اپنے علاقے کے غیر محسوس ثقافتی ورثے کی تصاویر، ویڈیوز اور آڈیوز لیتے ہیں اور انہیں ویکیمیڈیا کامنز پر اپ لوڈ کرتے ہیں۔

ویکیمیڈیا کامنز کیا ہے؟
ویکیمیڈیا کامنز مفت استعمال کی تصاویر، آڈیو، ویڈیو، اور دیگر میڈیا فائلوں کا ایک آن لائن ذخیرہ ہے جو عوامی ڈومین اور آزادانہ طور پر لائسنس یافتہ تعلیمی میڈیا مواد (تصاویر، آڈیو، اور ویڈیو کلپس) کسی کو بھی، ان کی اپنی زبان میں فراہم کرتا ہے۔ ویکیمیڈیا کامنز ویکیپیڈیا (آزاد انسائیکلوپیڈیا) کا ساتھی منصوبہ ہے۔
ویکیپیڈیا کیا ہے؟
ویکیپیڈیا ایک آزاد دائرۃ المعارف (انسائیکلوپیڈیا) ہے۔ جس پر کوئی بھی شراکت کر سکتا ہے۔
ویکیپیڈیا دنیا کی مقبول ترین ویب سائٹس میں سے ایک ہے۔ امیزان کی ذیلی کمپنی الیزا انٹرنیٹ کارپوریشن، جو کہ ایک امریکی ویب ٹریفک تجزیہ کرنے والی کمپنی ہے، اس نے ویب پر 500 سب سے بڑی ویب سائٹس کی فہرست میں ویکیپیڈیا کو
11ویں نمبر بتایا ہے۔ ویکیمیڈیا کامنز کثیر لسانی، مفت مواد ویکیمیڈیا خاندان کی رکن ویب سائٹ اور منصوبہ ہے اور ویکیمیڈیا فاؤنڈیشن، جو ویکیپیڈیا کے پیچھے غیر منافع بخش تنظیم ہے، کا ایک ذیلی ادارہ ہے۔ جو ویکیمیڈیا فاؤنڈیشن کے مختلف منصوبوں کے لیے ایک مشترکہ ذخیرے کے طور پر کام کرتا ہے، لیکن یہاں پر میزبان کی گئی میڈیا کو استعمال کرنے کے لیے آپ کو ان منصوبوں میں سے کسی ایک سے تعلق رکھنے کی ضرورت نہیں ہے۔ مخزن کی تخلیق اور دیکھ بھال ادا شدہ آرکائیوسٹوں کے ذریعہ نہیں کی جاتی ہے، بلکہ رضاکاروں کے ذریعہ ہوتی ہے۔

ویکی پریت لوک داستان مقابلہ دنیا کے مختلف خطوں سے لوک ثقافت کے شاندار رنگینیوں کی نمائش کا جشن مناتا ہے۔ مقابلے کا مقصد فوٹو گرافی کے فن کے ذریعے غیر معمولی ثقافتی ورثے کے جوہر کو محفوظ اور فروغ دینا ہے۔ اپنے موبائل یا ڈیجیٹل کیمرے کے لینز کے ذریعے، شرکاء لوک روایات، لوک ثقافت جیسے لوک میلے، لوک رقص، لوک موسیقی، لوک دستکاری، لوک کھیل، لوک کھانے، لوک لباس، لوک کتھا وغیرہ کی متحرک روح کو قید کر سکتے ہیں۔ یہ مقابلہ 1 فروری سے 31 مارچ 2024 تک جاری رہے گا، اور جیتنے والوں کو نقد انعامات اور سرٹیفکیٹس ملیں گے۔
ویکی پریت لوک وارتا (داستان) کو 2018 میں ویکی پریت محبت کے سیکوئل کے طور پر شروع کیا گیا تھا، یہ پروجیکٹ لوک ثقافت میں محبت کی رسومات اور تہواروں پر مرکوز ہے۔ ویکی پریت لوک داستان کا پہلا ایڈیشن فروری 2020 میں منعقد ہوا تھا، اور اس کے بعد سے ہر سال اس کا اہتمام کیا جاتا ہے۔ مقابلے کا مقصد فوٹوگرافی کے ذریعے دنیا کے مختلف خطوں کے غیر محسوس ثقافتی ورثے کو دستاویزی شکل دینا اور اس کا جشن منانا ہے۔ 2020 میں، لوک ثقافت کی دستاویزات کے دائرہ کار کو وسیع کرنے کے لیے اسے ویکی پریت لوک داستان کا نام دیا گیا۔ یہ مقابلہ ہر سال فروری سے مارچ کے مہینوں میں منعقد کیا جاتا ہے اور دنیا کے مختلف خطوں سے تعلق رکھنے والے شرکاء اپنی اپنی لوک روایات جیسے کہ لوک تہواروں، لوک رقصوں، لوک موسیقی، لوک سرگرمیوں، لوک کھیلوں، لوک کھانے، لوک ملبوسات، لوک روایتوں میں حصہ لیں گے۔ اس مقابلے میں ویکیمیڈیا کامنز دنیا بھر کے مختلف خطوں سے مقامی لوگوں اور فوٹوگرافرز کو لوک داستان اور روایات جیسا کہ افسانوں، لوک کہانیوں، پریوں کی کہانیوں، افسانوں، روایتی گانوں اور لوک رقص، لوک ڈراموں، کھیلوں، موسمی واقعات، کیلنڈر کی رسومات، لوک فن، لوک مذہب، خرافات وغیرہ سے متعلق میڈیا (تصاویر، آڈیو اور ویڈیوز) کو اس مقابلے کے ذریعے ویکیمیڈیا کامنز پر اپلوڈ کرنے کی دعوت دیتا ہے۔ ویکیمیڈیا کامنز دنیا بھر کے فوٹوگرافروں سے مقابلے میں تصاویر کی میزبانی کرنے کا مطالبہ کرتا ہے، جس کا مقصد دنیا کے ثقافتی ورثے کی دستاویز کرنا اور آنے والی نسلوں کے لیے اس کے تحفظ کو یقینی بنانا ہے۔ پچھلے تین سالوں میں، 27,000 سے زیادہ میڈیا فائلوں کو ویکیمیڈیا کامنز پر آزادانہ طور پر لائسنس کے تحت اپلوڈ کیا گیا ہے۔

اس مقابلے میں حصہ لینے کا طریقہ بہت آسان ہے: آپ اپنا کیمرہ لیں، لوک داستانوں یا ثقافت سے متعلق سرگرمیوں جیسا کہ
لوک داستان اور روایات، لوک افسانوں، لوک کہانیوں، پریوں کی کہانیوں، افسانوں، روایتی گانوں اور لوک رقص، لوک ڈراموں، کھیلوں، موسمی واقعات، کیلنڈر کی رسومات، لوک فن، لوک مذہب، خرافات وغیرہ سے متعلق میڈیا (تصاویر، آڈیو اور ویڈیوز) یا تصاویر لیں، پھر اپنی تصاویر ویکیمیڈیا کامنز پر اپ لوڈ کریں۔ اس طرح، آپ انٹرنیٹ پر اپنی مقامی غیر معمولی ثقافتی ورثے کی تعمیر اور توسیع میں ویکیمیڈیا کی مدد بھی کر سکتے ہیں یا اس سے بھی بہتر، اگر آپ کے پاس پہلے سے ہی اپنے کمپیوٹر، موبائل، ہارڈ ڈسک یا پین ڈرائیو پر لوک ثقافت سے متعلق تصاویر محفوظ ہیں تو آپ وہ بھی اپلوڈ کرسکتے ہیں۔ فوٹوگرافی کے اس عالمی مقابلے میں اپنی مقامی ثقافت کو دنیا کے ساتھ شیئر کرنے کا یہ بہترین ذریعہ ہے۔

ویکی پریت لوک وارتا (داستان) کے کیا اصول ہیں؟
ویکی لوز فوک لور (ویکی پریت لوک داستان) فوٹو گرافی کا ایک مقابلہ ہے جس میں شرکاء کو دنیا کے مختلف خطوں سے لوک ثقافت کی تصاویر یا ویڈیوز لینے اور اسے دنیا کے ساتھ شیئر کرنے کی دعوت دی جاتی ہے۔ مقابلے کے قوانین ایڈیشن اور ملک کے لحاظ سے مختلف ہو سکتے ہیں، لیکن کچھ عمومی اصول حسب ذیل ہیں:
آپ کو اپ لوڈ کردہ تصاویر یا ویڈیوز کے کاپی رائٹ کا مالک ہونا چاہیے، یا ایسا کرنے کی اجازت ہونی چاہیے۔

آپ کو مقابلہ کے سال کے 1 فروری اور 31 مارچ کے درمیان خصوصی اپ لوڈ لنک کا استعمال کرتے ہوئے مقابلہ کے مرکزی صفحہ پر تصاویر یا ویڈیوز اپ لوڈ کرنا ہوں گی۔
آپ کو تصاویر یا ویڈیوز کو مفت کاپی رائٹ لائسنس کے تحت لائسنس دینا چاہیے، جیسے CC BY-SA 4.0، یا انہیں عوامی ڈومین پر جاری کرنا چاہیے۔

آپ کو امیجز یا ویڈیوز کو ٹیمپلیٹ {{Wiki Loves Folklore YYYY} کے ساتھ ٹیگ کرنا چاہیے جہاں YYYY مقابلہ کا سال ہے۔

اگر آپ کی تصویر یا ویڈیو کو ایوارڈ کے لیے منتخب کیا جاتا ہے، تو آپ کو چاہیے کہ ویکیمیڈیا کامنز پر اپنی ای میل کو فعال کریں تاکہ آپ سے رابطہ کیا جا سکے۔

مقابلے کے کچھ ایڈیشنز میں اضافی اصول یا معیار ہوں گے، جیسے کہ تصاویر یا ویڈیوز کا معیار، لوک داستانوں کا موضوع، یا ویکیپیڈیا کے مضامین کی زبان۔

ویکی پریت لوک داستان کے لیے کیا انعامات ہیں؟
ویکی پریت لوک داستان کے ایوارڈز ایڈیشن اور مقابلے کے زمرے کے لحاظ سے مختلف ہوتے ہیںں۔ ویکی پریت لوک داستان مقابلے کے انعامات یہ ہیں:

انعامات
پہلا انعام:500 امریکی ڈالر
دوسرا انعام: امریکی ڈالر 400
تیسرا انعام: امریکی ڈالر 300
ٹاپ 10 تسلی کے انعامات: 40امریکی ڈالر ہر ایک
بہترین ویڈیو انعام اور بہترین آڈیو انعام: ہر تصویر
کے لیے
سب سے زیادہ یعنی ٹاپ اپ لوڈ کرنے والوں کے لیے 150 امریکی ڈالر انعامات
: پہلا انعام: 100 امریکی ڈالر،
دوسرا انعام: 50 امریکی ڈالر

ویکی پریت لوک داستان کی فاتحین کو کیسے منتخب کیا جاتا ہے؟
ویکی پریت لوک داستان کے فاتحین کا انتخاب ماہرین اور رضاکاروں کی جیوری کے ذریعے کیا جاتا ہے جو مختلف معیارات کی بنیاد پر ان کے اندراجات کا جائزہ لیتے ہیں۔ مقابلہ کے ایڈیشن اور زمرے کے لحاظ سے معیار مختلف ہو سکتے ہیں، لیکن کچھ عمومی معیار یہ ہیں:
تکنیکی معیار:
تصویر یا ویڈیو کو صاف، تیز، اچھی روشنی میں، اور اچھی طرح سے بنایا جانا چاہیے۔

اصلیت:
تصویر یا ویڈیو میں لوک ثقافت کے ایک منفرد یا نرالے پہلو کو پکڑنا چاہیے، یا تخلیقی نقطہ نظر یا موضوع کی تشریح کو ظاہر کرنا چاہیے۔
ویکیمیڈیا پراجیکٹس کے لیے تصویر یا ویڈیو کی ممکنہ افادیت اور مجموعی قدر:
تصویر یا ویڈیو کو ویکیپیڈیا یا دیگر ویکیمیڈیا پروجیکٹس پر موجود یا ممکنہ مواد کو واضح یا بڑھانے سے مقصود ہونا چاہیے، یا لوک ثقافت کی قیمتی معلومات یا دستاویزات فراہم کرنا چاہیے۔

لائسنسنگ:
تصویر یا ویڈیو کو ایک مفت کاپی رائٹ لائسنس کے تحت لائسنس یافتہ ہونا چاہیے، جیسے CC BY-SA 4.0، یا عوامی ڈومین پر جاری کیا جانا چاہیے۔
مقابلے کے کچھ ایڈیشنز میں اضافی معیارات ہوں گے، جیسے آواز کا معیار، لوک داستانوں کا تھیم، یا ویکیپیڈیا کے مضامین کی زبان۔
مضامین تحریر کرنے کا مقابلہ
فیمنزم اینڈ فوکلور۔ حقوق نسواں اور لوک داستان (فیمنزم اینڈ فوکلور) ویکیپیڈیا ایک بین الاقوامی مضمون نویسی مقابلہ ہے جو ہر سال فروری اور مارچ میں ویکیپیڈیا پر منعقد ہوتا ہے تاکہ دنیا کے مختلف خطوں میں لوک ثقافتوں اور خواتین کی لوک داستانوں کو دستاویزی شکل دی جا سکے۔ فیمنزم اینڈ فوکلور ویکیمیڈیا کامنز پر ہونے والے ویکی پریت لوک داستان کا ویکیپیڈیا پر متعلقہ مضامین تحریی مقابلہ ہے۔

یہ مضمون قارئین، عوام اور ان تمام لوگوں کی آگاہی کے لیے لکھا گیا ہے جو ان دونوں منصوبوں کے بارے میں دلچسپی رکھتے ہیں، جبکہ اسی مقصد کے تحت جنوری 2024 میں حیدرآباد یا کراچی میں ایک ورکشاپ کا انعقاد بھی کیا گیا ہے۔ وہ لوگ جو ثقافتی فوٹوگرافی میں دلچسپی رکھتے ہیں اور اس مقابلے میں حصہ لینے سے متعلق دلچسپی رکھتے ہیں، ان کے لیے تمام جلد فوری طور پر رجسٹریشن کی جائے گی۔ اس ورکشاپ میں شرکاء کو ویکی میڈیا پروجیکٹس سے متعلق معلومات فراہم کی جائیں گی، ان آزاد علمی ذریعات پر کام کرنے اور اسکلز کی تربیت دی جائے گی اور شرکت کے سرٹیفکیٹس وغیرہ دیئے جائیں گے۔
اگر آپ اس فوٹوگرافی اور مضمون نویسی کے مقابلے میں حصہ لینا چاہتے ہیں اور انعامات جیتنے سمیت اس کے بارے میں جاننا اور سیکھنا چاہتے ہیں تو آپ درج ذیل سوشل میڈیا لنکس کے ذریعے ہم سے رابطہ کر سکتے ہیں۔
فیس بک
Facebook/Sindhi.Wikipedia.official

Linkedin:
www.linkedin.com/company/sindhi-wikipedia-the-free…

ویب سائٹ:

#لوڪ_ثقافت #پاڪستاني_ثقافت #لوڪ_وارتا #وڪي_پريت_لوڪ_وارتا #وڪي_محبوب_لوڪ_داستان #فيمنزم_اينڊ_فوڪلور #ناري_واد_لوڪ_وارتا #فيمنزم_لوڪ_وارتا #FFL2024 #FeminismAndFolklore
#WikiLovesFolklore #wikimediacommons #SindhiCultureDay #sindhiculture #pakistaniculture #photography #contest #Prizes #Pakistan #folkculture #Folklore
(مصنف وکی پیڈیا کے رضاکار، میٹا پیڈیا، سندھی ویکیپیڈیا ایڈمن، سندھی ویکیمیڈیا کے بانی، وکیمیڈیا سے متعلق مختلف گروپس کے رکن اور پاکستان میں ویکی پریت لوک وارتا اور فیمینزم اینڈ فوکلور کے قومی منتظم ہیں۔)

1 year ago | [YT] | 0

Sindhi Wikipedia

سنڌي وڪيميڊيا برادري پاڪستان ۾ رهندڙ مختلف قومن جي لوڪ ثقافت کي وڪيميڊيا ڪامنز تي ڊاڪيومينٽ ڪرڻ ۽ پاڪستاني ثقافت جي رنگارنگين ۽ گُل ڪاريءَ کي دنيا سان ونڊڻ جي لاءِ 2024 ۾ وڪيميڊيا ڪامنز تي عالمي فوٽوگرافي مقابلي وڪي پريت لوڪ وارتا کي پاڪستان ۾ آرگنائز ڪري رهي آهي. سنڌي وڪيپيڊيا آزاد ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا وڪيپيڊيا جو سنڌي ٻوليءَ ۾ ايڊيشن آهي. جڏهن ته سنڌي وڪيميڊيا برادري وڪيپيڊيا سميت وڪيميڊيا جي ٻين آزاد علمي رٿائن تي ڪم ڪندڙ رضاڪارن جو سٿ آهي.

اچو ته سمجهڻ جي ڪوشش ڪريون ته هي فوٽوگرافي مقابلو ڇا آهي، ان ۾ ڪيئڻ شرڪت ڪري سگهجي ٿي، ان جا معيار، مرڪزي خيال، قائدا غيره ڪهڙا آهن، انهن سڀني سوالن کي توهان پڙهندڙن جي سولائيءَ جي لاءِ هيٺ واري واري سان بيان ڪيو ويو آهي. وڪي پريت لوڪ وارتا ھڪ سالياني بين الاقوامي فوٽوگرافي چٽاڀيٽي آھي، جنھن کي وڪيميڊيا ڪميونٽي جا ڀاتي سڄي دنيا ۾ وڪيميڊيا سان سلهاڙيل مقامي وڪيپيڊيا ساٿين جي مدد سان هر سال فيبروري کان مارچ جي مھينن دوران منعقد ڪئي ويندي آھي. شرڪت ڪندڙ مقامي لوڪ سڀيتا ۽ پنهنجي علائقي جي غير محسوس ورثي جون تصويرون، وڊيوز ۽ آڊيوز پنهنجي ڪيمرا سان ڪڍندا آهن، ۽ انهن کي وڪيميڊيا ڪامنز تي اپلوڊ ڪندا آهن.

وڪي ميڊيا ڪامنز ڇا آهي؟ وڪيميڊيا ڪامنز مفت استعمال جي تصويرن، آواز، وڊيوز ۽ ٻين ميڊيا فائلن جو هڪ آن لائن ذخيرو آهي، جيڪو عوامي ڊومين ۽ آزاد لائسنس يافته تعليمي ميڊيا مواد (تصويرون، آواز ۽ وڊيو ڪلپس) هر ڪنهن لاءِ، پنهنجي ٻوليءَ ۾ مهيا ڪري ٿو. اهو وڪيپيڊيا (آزاد ڄاڻ انسائيڪلوپيڊيا) جي ڀيڻ رِٿا آهي. وڪيپيڊيا دنيا جي سڀ کان مشهور ويب سائيٽن منجهان هڪ آهي. اميزان جي ذيلي ڪمپني اليگزا انٽرنيٽ انڪارپوريشن، جيڪا هڪ آمريڪي ويب ٽريفڪ اينالائسز ڪمپني آهي ان جي ويب سائيٽ الگيزا ڊاٽ ڪام پاران ترتيب ڏنل ويب تي دنيا جي 500 وڏين ويب سائيٽن جي فهرست ۾ وڪيپيڊيا 11 هين نمبر تي آهي. وڪيميڊيا ڪامنز گهڻ لساني، آزاد مواد وڪيميڊيا ڪٽنب جي ڀاتي ۽ وڪيپيڊيا جي پويان ڪم ڪندڙ غير منافع بخش تنظيم وڪيميڊيا فائونڊيشن جي هڪ رِٿا آهي. جيڪا وڪيميڊيا فائونڊيشن جي مختلف رٿائن لاءِ هڪ عام ذخيري طور ڪم ڪري ٿي، پر هِتي ميزباني ڪيل ميڊيا استعمال ڪرڻ لاءِ توهان کي انهن منصوبن مان ڪنهن هڪ سان واسطو رکڻ جي ضرورت ناهي. مخزن جي رچنا ۽ سار سنڀال ادائگي ڪيل آرڪائيوسٽ طرفان نه، پر رضاڪارن طرفان ڪئي ويندي آهي.

وڪي پريت لوڪ وارتا مقابلو دنيا جي مختلف علائقن مان لوڪ ثقافت جي شاندار گُل ڪاري جو جشن ملهائي ٿو. مقابلي جو مقصد فوٽوگرافي جي فن ذريعي غير معمولي ثقافتي ورثي جي جوهر کي بچائڻ ۽ فروغ ڏيڻ آهي. حصو وٺندڙ پنهنجي موبائل يا ڊجوٽل ڪيمرا جي لينس ذريعي لوڪ روايتن جي متحرڪ روح کي پنهنجي ڪيمرا ۾ پڪڙي سگهن ٿا، لوڪ ثقافت جهڙوڪ لوڪ ميلا ملاکڙا، لوڪ ناچ، لوڪ موسيقي، لوڪ ڪم ڪار، لوڪ رانديون، لوڪ کاڌو، لوڪ لباس، لوڪ ڪٿا وغيره. مقابلو 1 فيبروري کان مارچ 31، 2024 تائين هلندو، ۽ کٽيندڙن کي نقد انعام ۽ سرٽيفڪيٽ ملندا آهن.

وڪي پريت لوڪ وارتا 2018 ۾ وڪي پريت پريم جي تسلسل جي طور تي شروع ڪيو ويو، هڪ پروجيڪٽ جيڪو پريم جي رسمن ۽ تهوارن تي ڌيان ڏئي ٿو. وڪي پريت لوڪ وارتا جو پهريون ايڊيشن فيبروري 2020 ۾ منعقد ٿيو، ۽ ان وقت کان وٺي هر سال ان کي منظم ڪيو ويندو آهي. مقابلي جو مقصد فوٽوگرافي ذريعي دنيا جي مختلف علائقن جي غير محسوس ثقافتي ورثي کي دستاويز ڪرڻ ۽ جشن ملهائڻ آهي. 2020 ۾ ان جو نالو مٽائي وڪي پريت لوڪ وارتا رکيو ويو ته جيئن لوڪ ڪلچر جي دستاويزن جو دائرو ڪُشادو ڪيو وڃي. مقابلو هر سال فيبروري کان مارچ جي مهينن ۾ منعقد ڪيو ويندو آهي ۽ شرڪت ڪندڙن کي دنيا جي مختلف علائقن مان لوڪ روايتن جهڙوڪ لوڪ فيسٽيول، لوڪ ناچ، لوڪ موسيقي، لوڪ سرگرميون، لوڪ رانديون، لوڪ کاڌو، لوڪ لباس، لوڪ ڪھاڻيون ۽ روايتون، جن ۾ ڪٿا، لوڪ ڪھاڻيون، پرين جون ڪھاڻيون، ڏند ڪٿا، روايتي گيت ۽ ناچ، لوڪ ناٽڪ، رانديون، موسمي واقعا، ڪئلينڊر جون رسمون، لوڪ آرٽ، لوڪ مذهب، افسانا وغيره سان لاڳاپيل ميڊيا اپلوڊ ڪرڻ جي دعوت ڏئي ٿو. مقابلي ۾ دنيا جي ثقافتي ورثي کي دستاويز ڪرڻ ۽ ايندڙ نسلن جي لاءِ سانڍڻ جي مقصد کي يقيني بڻائڻ لاءِ سڄي دنيا جي فوٽوگرافرن کي تصويرن جي ميزباني ڪرڻ لاءِ وڪيميڊيا ڪامنز سڏ ڪري ٿي. گذريل ٽن سالن ۾، وڪيميڊيا ڪامنز تي 27,000 کان وڌيڪ ميڊيا فائلون تي مفت لائسنس ونڊيون ويون آهن.

ان مقابلي ۾ حصو وٺڻ جو طريقو بلڪل سادو آهي: توهان پنهنجي ڪئميرا کڻو، لوڪ ڪهاڻين يا ثقافت سان لاڳاپيل ڪم جا فوٽو ڪڍو، پوءِ پنهنجا فوٽو وڪيميڊيا ڪامنز تي اپ لوڊ ڪريو. اهڙي ريت توهان غير معمولي ثقافتي ورثي انٽرنيٽ تي سانڍڻ ۽ وڌائڻ ۾ پڻ وڪيميڊيا جي سهائتا ڪري سگهو ٿا. يا اڃا بهتر، جيڪڏهن توهان وٽ اڳ ۾ ئي لوڪ ثقافت سان لاڳاپيل ئي تصويرون توهان جي ڪمپيوٽر، موبائيل، هارڊ ڊسڪ يا پينڊرائيو تي محفوظ ٿيل آهن، ته هاڻي انهن کي ڪڍڻ ۽ انهن کي فوٽوگرافي جي هن عالمي مقابلي ۾ دنيا ونڊڻ سميت پنهنجي مقامي ثقافت جو جشن ملهائڻ جو بهترين وقت هوندو.

وڪي پريت لوڪ وارتا جا قاعدا ڪهڙا آهن؟
وڪي پريت لوڪ وارتا ھڪ فوٽوگرافي مقابلو آھي جنھن ۾ شرڪت ڪندڙن کي دنيا جي مختلف علائقن مان لوڪ ڪلچر جون تصويرون ڪڍڻ يا وڊيوز ڀرڻ ۽ دنيا سان ونڊڻ جي دعوت ڏني ويندي آھي. مقابلي جا ضابطا ايڊيشن ۽ ملڪ جي لحاظ کان مختلف ٿي سگهن ٿا پر ڪجهه عام ضابطا هن ريت آهن:

توهان کي اپلوڊ ڪيل تصويرن يا وڊيوز جي ڪاپي رائيٽ جا مالڪ هجڻ گهرجي، يا توهان وٽ ائين ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي.

• توهان کي مقابلي واري سال جي 1 فيبروري ۽ 31 مارچ جي وچ ۾، خاص اپلوڊ ڳنڍڻي کي ڪم آڻيندي مکيه مقابلي واري صفحي تي تصويرون يا وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ گهرجن.
• توهان کي لازمي طور تي تصويرن يا وڊيوز کي مفت ڪاپي رائيٽ جي لائسنس تحت لائسنس ڏيڻو پوندو، جهڙوڪ CC BY-SA 4.0، يا انهن کي عوامي ڊومين ڏانهن جاري ڪريو.

• توھان کي تصويرن يا وڊيوز کي ٽيمپليٽ {{Wiki Loves Folklore YYYY} سان ، ٽيگ ڪرڻ گھرجي جتي YYYY مقابلي جو سال آھي.

• جيڪڏهن توهان جي تصوير يا وڊيو کي انعام لاءِ چونڊيو وڃي ته ان لاءِ توهان کي وڪيميڊيا ڪامنز تي اي ميل فعال ڪرڻ گهرجي ته جيئن توهان سان رابطو ڪري سگهجي .
مقابلي جي ڪجهه ايڊيشنن ۾ اضافي ضابطا يا معيار هوندا، جيئن تصويرن يا وڊيوز جو معيار، لوڪ ڪهاڻين جو موضوع، يا وڪيپيڊيا مضمونن جي ٻولي.
وڪي پريت لوڪ وارتا لاءِ ڪهڙا انعام آهن؟
وڪي پريت لوڪ وارتا جا انعام ايڊيشن ۽ مقابلي جي درجي جي لحاظ کان مختلف هوندا آهن. وڪي پريت لوڪ وارتا 2023 جا انعام هي هئا:
• پهريون انعام: 500 يو ايس ڊالر
• ٻيو انعام: 400 آمريڪي ڊالر
• ٽيون انعام: 300 آمريڪي ڊالر
• مٿيان 10 تسلي بخش انعام: 40 امريڪي ڊالر هر هڪ
• بهترين وڊيو انعام ۽ بهترين آڊيو انعام: 150 آمريڪي ڊالر هر هڪ
• تصويرن لاءِ ٽاپ اپ لوڊ ڪندڙ انعام: پهريون انعام: 100 آمريڪي ڊالر، ٻيو انعام: 50 آمريڪي ڊالر

وڪي پريت لوڪ وارتا جا سوڀارا ڪيئن چونڊيا ويندا آهن؟
وڪي پريت لوڪ وارتا جا کٽيندڙ ماهرن ۽ رضاڪارن جي جيوري طرفان چونڊيا ويندا آهن جيڪي مختلف معيارن جي بنياد تي سندن داخلائن جو جائزو وٺندا آهن. ايڊيشن ۽ مقابلي جي درجي جي لحاظ کان معيار مختلف ٿي سگهن ٿا، پر ڪجهه عام معيار آهن:

• ٽيڪنيڪل معيار: تصوير يا وڊيو صاف، تيز، سٺي روشني ۾، ۽ چڱي طرح ٺهيل هجڻ گهرجي.

• اصليت: تصوير يا وڊيو ۾ لوڪ ڪلچر جي هڪ منفرد يا ورلي پاسي کي پڪڙڻ گهرجي، يا تخليقي نقطه نظر يا موضوع جي تشريح ڏيکاريل هجي.

• وڪيميڊيا رٿائن لاءِ تصوير يا وڊيو جي امڪاني افاديت ۽ مجموعي قدر: تصوير يا وڊيو کي وڪيپيڊيا يا ٻين وڪيميڊيا رٿائن تي موجود يا امڪاني مضمون کي واضح ڪرڻ يا وڌائڻ گهرجي، يا لوڪ ڪلچر جي قيمتي معلومات يا دستاويز مهيا ڪرڻ گهرجي.

• لائسنسنگ: تصوير يا وڊيو کي مفت ڪاپي رائيٽ لائسنس تحت لائسنس يافته هجڻ گهرجي، جهڙوڪ CC BY-SA 4.0، يا عوامي ڊومين ڏانهن جاري ڪيو وڃي.

مقابلي جي ڪجهه ايڊيشن ۾ اضافي معيار هوندا، جهڙوڪ آواز جو معيار، لوڪ ڪهاڻين جو موضوع، يا وڪيپيڊيا جي مضمونن جي ٻولي.

ناري واد ۽ لوڪ وارتا. فيمنزم اينڊ فوڪ لور وڪيپيڊيا تي مضمون لکڻ جو هڪ بين الاقوامي مقابلو آهي، جنهن کي وڪيپيڊيا تي هر سال فيبروري ۽ مارچ جي مهيني ۾ دنيا جي مختلف علائقن ۾ لوڪ ثقافتن ۽ عورتن جي لوڪ ڪهاڻين کي دستاويز ڪرڻ لاءِ. وڪيپيڊيا تي منعقد ڪيو ويندو آهي هيءَ رٿا وڪيميڊيا ڪامنز تي دنيا جي لوڪ ثقافت جي روايتن کي دستاويز ڪرڻ لاءِ فوٽوگرافي مهم (وڪي پريت لوڪ وارتا) جو وڪيپيڊيا ايڊيشن آهي.
هي مضمون اِنهن ٻنهي رٿائن بابت پڙهندڙن، عوام ۽ دلچسپي رکندڙ سڄڻن جي جاڳرتا لاءِ لکيو ويو آهي، جڏهن ته ساڳئي مقصد تحت جنوري 2024 ۾ حيدرآباد يا ڪراچي ۾ دلچسپي رکندڙن توڙي ثقافتي فوٽوگرافي سان لاڳاپيل ماڻهن جي جاڳرتا ۽ سکيا لاءِ ورڪشاپ پڻ رکيو ويو آهي، جنهن لاءِ تُرت ئي رجسٽريشن ڪئي ويندي. اِن ورڪشاپ ۾ شريڪ ٿيندڙن کي وڪيميڊيا جي رٿائن بابت آگاهي، سکيا ۽ شرڪت سرٽيفڪيٽ وغيره ڏنا ويندا.

جيڪڏهن توهان کي هن فوٽوگرافي ۽ مضمون لکڻ جي مقابلي حصو وٺڻ ۽ انعام حاصل ڪرڻ سميت ان بابت سکيا وٺڻ چاهيو ٿا ته توهان هيٺين سماجي رابطن جي ڳنڍڻن وسيلي اسان سان جُڙي سگهو ٿا.

فيس بوڪ: www.facebook.com/Sindhi.Wikipedia.official
لِنڪڊِاِن: www.linkedin.com/company/sindhi-wikipedia-the-free…
ويب سائيٽ: sd.wikipedia.org/

ليکڪ رضاڪار وڪيپيڊيا ڀاڱيدار، ميٽاپيڊين، سنڌي وڪيپيڊيا ايڊمن، سنڌي وڪيميڊيا جو بانيڪار، وڪيميڊيا جي مختلف لاڳاپيل گروپن جو رُڪن ۽ وڪي پريت لوڪ وارتا ۽ فيمنزم اينڊ فوڪلور جو پاڪستان ۾ نيشنل آرگنائزر آهي.

1 year ago | [YT] | 1

Sindhi Wikipedia

Take a look at Sindhi Wikipedia (@SindhiWikipedia): x.com/SindhiWikipedia?t=sm9o-G8AF0iMHaMHwJJxoA&s=0…

1 year ago | [YT] | 0