sindhi saaz sindhi songs


sindhi saaz

سرمد سنڌي
هي ته ڊسمبر ۲۰۱۴ هيو، پر هر سال جو ڊسمبر پنهنجي آمد شرط سرديءَ سان گڏ جتي ڪيترن ئي ڌرتيءَ ڄاون محترمه بينظير ڀٽو، شيخ اياز، اياز قادري، تاجل بيوس، قربان علي شيخ، روشن جي جون غمگين يادون ساڻ کڻي ايندو آهي، اتي دل جي ڪنهن ڪنڊ ۾ سرمد سنڌيءَ جي نه هجڻ وارو احساس ڇيت جيان چڀي رهيو هوندو آهي.
سرمد سنڌي جڏهن به اسٽيج تي ڳائڻ ايندو هو ته سنڌ سان عشق جو اظهار ضرور ڪندو هو، هن پنهنجي حياتيءَ جي مختصر عرصي ۾ سنڌ سان عشق جو جيڪو نعرو هنيو، اڄ اهو نعرو هر سنڌيءَ جي چپن تي سرمد جي ڳايل گيتن جي صورت ۾ زندهه و جاويد آهن. واقعي به سرمد سنڌ جو اهو پروانو هو، جنهن پنهنجي زندگيءَ جي آخر تائين ڌرتيءَ جي عشق کي پاڻ کان پري نه رکيو.
سنڌ جي ناليواري قومي راڳي سرمد سنڌيءَ ستين مئي ۱۹۵۸ع تي ضلعي خيرپور ميرس جي شهر پريالوءِ ۾ محمد حيات مغل جي اڱڻ تي اکيون کوليون، پر سندس ئي ڏنل هڪ انٽرويو موجب سرٽيفڪيٽن ۾ سندس جنم جي تاريخ ستين جولاءِ ۱۹۶۱ع ڄاڻايل آهي. سندس مائٽاڻو نالو عبدالرحمان مغل رکيو ويو. سرمد سنڌي پرائمريءَ کان مئٽرڪ تائين تعليم پنهنجي ڳوٺ پريالوءِ مان حاصل ڪئي. تنهن کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور ۾ داخل ٿيو. جتان ۱۹۸۰ع ۾ سول ٽيڪنالاجيءَ ۾ ڊپلوما ڪيائين. عملي طور تي ۱۹۸۴ع ۾ پهريان ايڇ. ڊي. اي حيدرآباد ۾ ۽ پوءِ ڪراچي بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽيءَ ۾ سب انجينيئر طور مقرر ٿيو ۽ زندگيءَ جي آخر تائين انهيءَ عهدي تي رهيو.
سرمد سنڌيءَ جو تعلق هڪ شريعت جي پابند مذهبي گھراڻي سان هو، جتي راڳ ڳائڻ جو تصور ئي نه ڪيو ويندو هو، پر سرمد سنڌي ننڍپڻ ۾ ئي روح کي ريجھائڻ لاءِ راڳ طرف راغب ٿيو، ايتريقدر جو پنهنجي ٻالجتيءَ وارن ڏهاڙن ۾ ريڊيو يا ڪئسٽ ۾ ڪوئي به ڪلام ٻڌندو هو ته ڳچ وقت تائين اهو ساڳيو ڪلام پنهنجي منهن جھونگاريندو رهندو هو. کيس سنڌ جي ٻن ناميارن ڪلاڪارن ڍول فقير ۽ فقير عبدالغفور جو آواز توڙي انداز بيحد متاثر ڪندو هو. سرمد سنڌيءَ راڳ ڳائڻ جي باقاعده شروعات تڏهن ڪئي، جڏهن پاڻ ٽيڪنيڪل ڪاليج خيرپور جي شاگرديءَ وارن ڏينهن ۾ ڪاليج ليول تي ٿيندڙ قومي پروگرامن ۾ شريڪ ٿيندو هو. ان سان گڏوگڏ فارغ ٽائيم ۾ پنهنجي هڪ جيڏن يارن دوستن ۾ ويهي جھونگاريندو رهندو هو. هن سڀ کان پهريان ۱۹۸۰ع ڌاري پريالوءِ ۾ لالا عزيز سان ملهايل شام جي موقعي تي استاد بخاريءَ جو ڪلام ’رستي روڪ نه ڪر او يار‘ ڳايو.
سرمد سنڌيءَ راڳ جي بنيادي سکيا لالا عزيز کان حاصل ڪئي، جنهن بعد نامور موسيقار شاهد حسين ڀٽي ۽ نامياري راڳي منطور سخيراڻيءَ جي صحبت مان به ڪافي فيض حاصل ڪيائين، ان بعد پنهنجي وفات کان ڪجھه ئي عرصو اڳ نامياري موسيقار استاد ظهور خان زيبيءَ کان موسيقيءَ جي سکيا جو عمل شروع ڪيائين، مگر موت کيس وڌيڪ مهلت ڪانه ڏني. ڪن ٻين لکتن ۾ سندس موسيقيءَ جي استادن ۾ نامياري سارنگي نواز استاد مجيد خان ۽ نامياري ليکڪ، پروديوسر ۽ راڳي بيدل مسرور جن جا سگھارا نالا پڻ ملن ٿا.
سرمد سنڌيءَ کي ريڊيو خيرپور تي ناليواري شاعر ۽ براڊڪاسٽر ڪوثر ٻرڙي متعارف ڪرايو، جڏهن ته پاڪستان ٽيليويزن تي سڀ کان پهريان هن جي آواز ۾ هڪ نعت ريڪارڊ ٿي، جيڪا پروڊيوسر اعجاز عليم عقيليءَ جي پروڊڪشن ۾ نشر ٿي. ان بعد پي. ٽي. ويءَ تي هو هڪ راڳيءَ جي حيثيت ۾ نامياري شاعر ۽ پروڊيوسر سميع بلوچ جي معرفت پروڊيوسر هارون رند وٽ ان وقت متعارف ٿيو، جڏهن سميع بلوچ اسسٽنٽ پروڊيوسر طور پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏيندو هو. ان وقت پروڊيوسر هارون رند سرمد سنڌيءَ جي آواز ۾ هڪ نه، ٻه نه پر ٽي نغما ريڪارڊ ڪيا، جن مان هڪ لولي ’مارو لولي الو ميان‘، ٻيو مهان ڪوي شيخ اياز جي شاعري ’رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي‘ ۽ ٽيون سميع بلوچ جو تخيل ’تنهنجي ياد جي وري آ وير، لڳي رهي آ ٿڌڙي هير‘ هئا. ان کانپوءِ سرمد ريڊيو، ٽي. وي، آڊيو ڪئسٽ ۽ اسٽيج تي بيشمار قومي توڙي عوامي، گيت، غزل، وايون ۽ صوفياڻا ڪلام ڳائي، پڙهيل لکيل طبقي کان ويندي هڪ هاري پورهيت تائين هر هڪ سنڌيءَ جي دل ۾ پنهنجي جاءِ جوڙي ورتي. سرمد سنڌيءَ ڳائڻ جو پنهنجو هڪ جداگانه انداز پيدا ڪيو. هن جي ڳائڻ جو انداز سمورن فنڪارن کان مختلف هو، هن ڪڏهن به فلمي طرزن تي نه ڳاتو، جيتوڻيڪ سرمد سنڌيءَ جا ٻيا همعصر فنڪار ان وقت فلمي ڌننن تي ٿيل شاعري ڪثرت سان ڳائيندا هئا ۽ ڪئسٽ ۾ پڻ فلمي ڌنن ڳائڻ جو رواج عام ٿي چڪو هو (جيڪو رواج هن وقت سنڌي موسيقيءَ مان تقريباً زوال پذير ٿي چڪو آهي)، پر هو هميشه نين سرجيل ڌنن کي ئي ترجيح ڏيندو هو، سندس شاعريءَ جي چونڊ به ڪمال درجي جي هوندي هئي. سرمد جي هميشه اها ڪوشش هوندي هئي ته سنڌي موسيقيءَ ۾ جدت آڻجي. هن هميشه ڌرتيءَ تي ٿيندڙ ڏاڍ، ظلم ۽ جبر جي خلاف پنهنجي انقلابي آواز جي وسيلي جنگ جوٽي. هن هر موضوع تي ڳايو، پر سندس محور سماج ۽ ڌرتيءَ جا سور هئا.
سرمد سنڌيءَ کي سنڌ جي ڌرتي، ٻولي ۽ تهذيب سان بي انتها محبت هئي. هن پنهنجي ٻارن کي سنڌي تعليم ڏياري، هو پاڻ کي سنڌي سڏرائڻ تي فخر محسوس ڪندو هو. هن سنڌين جي دلين جي ترجماني ڪئي. هن پنهنجي مڌر آواز ذريعي قومي ڪارڪنن ۾ اتساهه پيدا ڪيو، سندن روح گرمايائين، مايوس ۽ ٿڪل دلين کي آٿت ڏنائين. موٽ ۾ سنڌي ماڻهن به سرمد سنڌيءَ کي ڪروڙين قرب ڏنا ۽ جيءَ ۾ جايون ڏنيون. سرمد سنڌيءَ کي ڪنهن قومي ڪاڄ جي دعوت ملندي هئي ته فرض سمجھي ان پروگرام ۾ هليو ويندو هو.
سرمد سنڌيءَ شاهه لطيف سميت شيخ اياز، استاد بخاري، سرڪش سنڌي، اياز گل، ادل سومرو، زاهد شيخ، تاجل بيوس، زخمي چانڊيو، نظر پياسي، سميع بلوچ، ڪوثر ٻرڙو ۽ ٻين شاعرن جو ڪلام ڳائي، سندن پيغام کي جھر جھنگ تائين پهچايو. سنڌي عوام ۾ کيس ’سنڌ جو ٻيجل‘ جي نالي سان ياد ڪيو وڃي ٿو. نامياري شاعر تاجل بيوس کيس ’راڳ جو راڻو‘ ۽ ’سنڌ جو وڪٽر هارا‘ جو لقب ڏنو. سرمد سنڌي سائين جي.ايم سيد جي سالگرهه جي پروگرامن ۾ هر سال ۱۷ جنوريءَ تي پابنديءَ سان سن وڃي شريڪ ٿيندو هو. سندس زندگيءَ ۾ صرف سنڌ سان محبت هجڻ جي ڪري شر پسندن پاران ڪيترائي ڪوڙا پوليس ڪيس مڙهيا ويا، کيس ڪراچي ڇڏي وڃڻ ۽ ڳائڻ بند ڪرڻ لاءِ طرح طرح جا چتاءَ پئي ملندا رهيا، پر هن ڪڏهن به هيڻائي نه ڪئي.
سرمد سنڌي جا سندس زندگيءَ ۾ ٻه روڊ حادثا ٿيا، هڪ حادثي ۾ پاڻ سخت زخمي ٿي پيو، جنهن ۾ سندس هڪ ڄنگھه جي هڏي ڀڄي پئي هئي، جنهنڪري کيس ڪراچيءَ جي اسپتال مان لوهي راڊ لڳي ۽ پاڻ ان جي وسيلي هلڻ لڳو. پر ڪجھه عرصي بعد ۲۷-ڊسمبر ۱۹۹۶ع تي بدين مان هڪ پروگرام ڪري ڪوسٽر ذريعي ڪراچي واپس وڃي رهيو هو ته ديوان شگر مل ٺٽي ويجھو ڪوسٽر جو ڪمند سان ڀريل هڪ ٽرڪ سان هڪ اهڙو بد نصيب ٽڪر ٿي پيو، جنهن ۾ سرمد پهريان ته سخت زخمي ٿي پيو، کيس فوري طور تي ڪراچيءَ نيو پئي ويو ته رستي ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيائين ۽ سرمد ۳۵ سالن جي ڦوهه جوانيءَ ۾ سنڌين کان هميشه لاءِ وڇڙي ويو.
سندس زندگيءَ جو آخري آڊيو البم ’ماروئڙا شهزور‘ هو، جنهن ۾ زاهد شيخ، اياز گل، زخمي چانڊئي ۽ ٻين شاعرن جا گيت شامل هئا. هن وقت سرمد سنڌيءَ جو ننڍو ڀاءُ ۽ ناميارو فنڪار احمد مغل سندس نقش قدم تي هلندي، موسيقيءَ جو گس وٺي، پنهنجي ڀاءُ جو نالو روشن ڪري رهيو آهي. سرمد سنڌيءَ جي وفات بعد نامياري ليکڪ علي حسن چانڊئي سندس ياد ۾ تاثراتن تي ٻڌل هڪ ڪتاب ’سنڌ جو ٻيجل: سرمد سنڌي‘سهيڙي ۱۹۹۷ع ڇپائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ شيخ اياز، نورالهدى شاهه، عبدالغفار تبسم، سرڪش سنڌي، اياز گل سميت ڪيترن ئي اديبن ۽ فنڪار جا رايا ۽ مضمون ڏنل آهن، هن ڪتاب کي سرمد سنڌيءَ جي مداحن پاران ايتري ته پذيرائي ملي، جو ساڳئي ڪتاب جو ٻيو ڇاپو هڪ سال جي مختصر عرصي بعد ۱۹۹۸ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو ويو. جڏهن ته نامور براڊڪاسٽر ۽ شاعر ڪوثر ٻرڙي سندس ڳايل ڪلامن کي سهيڙي هڪ ڪتاب ’امر راڳي، امر گيت‘ پڻ شايع ڪرايو آهي.

1 year ago | [YT] | 45

sindhi saaz

Tradtional Artists perform during sughar kachary celebration of Hazart Lal Shahbaz Qalandar

1 year ago | [YT] | 12