🎓✈️ Welcome to Sindhi Scholars – Your Global Guide to Scholarships, Study Abroad & Inspiration! 🌍📚
I’m Dr. Muhammad Chhattal – a PhD scholar, global traveler, and dedicated mentor helping students from Sindh and beyond achieve their dreams through fully funded international scholarships.
On Sindhi Scholars, I share everything you need to successfully apply for scholarships, navigate student life abroad, and explore the world through education and travel.
📌 What you'll find here:
✅ Step-by-step guides to scholarships in China, Europe, USA, and more
✅ Expert tips on university applications, SOPs, recommendation letters, and visas
✅ Practical advice for student life, research, and international opportunities
✅ Travel vlogs and real stories from around the world 🌏
✅ Motivation and mentorship from someone who’s walked the same path
🎥 Subscribe now and become part of a community where education breaks barriers and opportunities become reality.
Sindhi Scholars
❤️
1 day ago | [YT] | 0
View 0 replies
Sindhi Scholars
"You are stronger than you think and more capable than you imagine."
1 day ago | [YT] | 0
View 0 replies
Sindhi Scholars
اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيون اھم قدم: پروفيسر کان اسيپٽنز ليٽر وٺڻ.
✨ قبوليت ليٽر ڇا آهي؟
قبوليت ليٽر هڪ غير رسمي خط هوندو آهي جيڪو چين جي ڪنهن يونيورسٽي جو پروفيسر جاري ڪري ٿو۔ ان ۾ پروفيسر لکندو آهي ته:
“اسان اوهان کي CSC اسڪالرشپ تحت پنهنجي شعبي ۾ پڙهائڻ لاءِ تيار آهيون.”
✨ اهو چين ۾ ڇو اهم آهي؟
✅ اهو CSC (Chinese Scholarship Council) کي ٻڌائي ٿو ته پروفيسر اوهان جي تحقيق ۾ دلچسپي رکي ٿو۔
✅ اوهان جي درخواست ٻين کان نمايان ٿي وڃي ٿي۔
✅ يونيورسٽي سطح تي قبول ٿيڻ جا امڪان تمام گهڻا وڌي وڃن ٿا۔
✨ اهو ڪيئن حاصل ڪجي؟
1️⃣ پروفيسر ڳوليو – يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تان لاڳاپيل شعبي جا پروفيسر ۽ انهن جي ريسرچ پروفائل پڙهو۔
2️⃣ اي ميل لکو – مختصر تعارف، تعليمي قابليت، پروفيسر جي ڪم جي تعريف، پنهنجي CV سان گڏ موڪليو، ۽ صاف طور لکو ته توهان CSC اسڪالرشپ لاءِ اپلاءِ ڪري رهيا آهيو۔
3️⃣ صبر رکو – هڪ ئي وقت ۾ ڪيترن پروفيسر کي اي ميلون موڪليو ۽ جواب جو انتظار ڪريو۔
4️⃣ فالو اپ– جيڪڏهن هفتي اندر جواب نه ملي ته نرمي سان ياد ڏياريندڙ اي ميل موڪليو۔
5️⃣ همت نه هاريو – هر ڪو پروفيسر جواب نه ڏيندو، وڌيڪ اي ميلون موڪليندا رهو۔
📌 قبوليت ليٽر لاءِ Do’s ۽ Don’ts
✅ ڪرڻا
✅ اي ميل هميشه مختصر ۽ پروفيشنل لکو۔
✅ پنهنجو تعارف، تعليم ۽ ريسرچ دلچسپيون صاف بيان ڪريو۔
✅ سي وي۽ (جيڪڏهن آهي) Research Proposal اي ميل سان گڏ لڳايو۔
✅ پروفيسر جي ڪم جي تعريف ۽ ٻڌايو ڇو ساڻس ڪم ڪرڻ چاهيو ٿا۔
✅ جواب نه ملي ته هڪ هفتي کان پوءِ ياد ڏياريندڙ اي ميل موڪليو۔
✅ هميشه Respectful ۽ Formal زبان استعمال ڪريو۔
❌ نه ڪرڻا
❌ ڊگها ۽ غير منظم اي ميلون نه لکو۔
❌ ڪاپيڏپيسٽ ٿيل ساڳيون اي ميلون ڪيترن پروفيسر کي نه موڪليو۔
❌ اسپيلنگ يا گرامر جون غلطيون نه ڇڏجو۔
❌ غير ضروري Personal Information (جهڙوڪ CNIC، پتو نه لکو۔
❌ ڊمانڊ نه ڪيو، صرف Request ۽ Interest ڏيکاريو۔
❌ هڪ ئي پروفيسر کي روز ياد ڏياريندڙ اي ميلون نه موڪليو۔
Check these videos for more help:
https://youtu.be/eCnNH6249Do
https://youtu.be/GRLaHHb2JRg
https://youtu.be/Wnx_z6jyeDI
✍️ ڊاڪٽر محمد ڇتل سولنگي
لانزو انسٽيٽيوٽ آف ڪيميڪل فزڪس،
چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز، لانزو، چين
2 weeks ago | [YT] | 0
View 0 replies
Sindhi Scholars
🎯 اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ ٻيو قدم: پروفيشنل CV ٺاهڻ 🎓
دوستو! 🎉 اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ لاءِ توهان جو سڀ کان وڏو هٿيار سي وي آهي. اهو ئي توهان جو پهريون تاثر آهي جيڪو پروفيسر يا ڪميٽي ڏسي ٿي. تنهنڪري ان کي پروفيشنل، صاف ۽ منظم ٺاهڻ لازمي آهي.
✅ About Me (منهنجي باري ۾): 2–3 لائينن ۾ پاڻ جو تعارف ۽ مقصد.
✅ Research Interests (ريسرچ دلچسپيون): توهان جي تحقيق جا اهم موضوع.
✅ Education and Training (تعليم ۽ تربيت): ڊگريون، ادارا ۽ Thesis جا عنوان.
✅ Work Experience (ڪم جو تجربو): نوڪريون/Internships ۽ اهم ذميواريون.
✅ Projects (پروجيڪٽس): اهم اڪيڊمڪ يا ريسرچ پروجيڪٽس.
✅ Professional Skills (پروفيسنل صلاحيتون): سافٽويئر، ليب ٽيڪنيڪس يا ٽيڪنيڪل صلاحيتون.
✅ Honors and Awards (انعام ۽ اعزاز): اهم ايوارڊ يا اعزاز.
✅ Seminars (سيمنارز): ڪانفرنسز يا سيمينارز ۾ شرڪت/اسپيڪر هجڻ.
✅ Scholarships (اسڪالرشپس): مليل اسڪالرشپس جو ذڪر.
✅ Language Skills (ٻولين جون صلاحيتون): ڄاڻايل ٻوليون ۽ proficiency level.
✅ Publications (تحقيقي مقالا): ڇپيل سائنسي پيپرز.
✅ References (حوالا): سپروائيزر يا پروفيسر جا نالا ۽ اي ميل.
✅ ڪرڻا (Do’s)
✔️CV کي ٻن صفحن تائين محدود رکو
✔️ صرف لاڳاپيل معلومات لکو
✔️ ايڪشن ورڊز استعمال ڪريو (Developed, Organized, Published)
✔️ Heading ۽ Bullet Points ۾ صاف لکڻ
❌ نه ڪرڻا (Don’ts)
❌ ڊگها جملا يا غير ضروري تفصيل
❌ Religion، CNIC، مڪمل گهر جو پتو وغيره شامل ڪرڻ
❌ Spelling ۽ Grammar جون غلطيون
:For more details check this video
https://youtu.be/V5_YGJZTY2A
الله توھانجو حامي ۽ ناصر هجي، دعائن ۾ ياد رکو، جزاڪ الله.
مهرباني!
ڊاڪٽر محمد ڇتل سولنگي
لانزو ادارو ڪيميڪل فزڪس، چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز، لانزو، گانسو، چين
#stepsforscholarship
2 weeks ago | [YT] | 0
View 0 replies
Sindhi Scholars
اسڪالرشپ حاصل ڪرڻ جو پهريون قدم ـ پاسپورٽ
اسڪالرشپ لاءِ اپلائي ڪرڻ جا ڪيترائي مرحلا هوندا آهن، پر سڀ کان پهريون ۽ اهم قدم پاسپورٽ آهي. بدقسمتي سان اسان جي معاشري ۾ پاسپورٽ کي گهٽ اهميت ڏني ويندي آهي، جڏهن تہ ترقي يافته ملڪن ۾ ٻار جي ڄمڻ سان گڏ ئي سندس پاسپورٽ تيار ڪيو ويندو آهي، ڇوتہ اهو مستقبل جي موقعن لاءِ بنيادي دستاويز سمجهيو ويندو آهي.
اسان وٽ گهڻا شاگرد قيميتي موقعا صرف پاسپورٽ نه هجڻ ڪري وڃائي ويهندا آهن. مثال طور، تازو عمان حڪومت بيچلر اسڪالرشپ جو اعلان ڪيو، پر ڪيترائي دوست صرف پاسپورٽ نه هجڻ سبب اپلائي ئي نه ڪري سگهيا.
تنهن ڪري جيئن اسان ميٽرڪ يا ڪاليج ختم ٿيڻ سان گڏ ٻيا ڊاڪيومينٽس (ڊوميسائيل، پي آر سي وغيره) لازمي تيار ڪرايون ٿا، تيئن ئي پاسپورٽ به لازمي تيار ڪرائڻ گهرجي. اهو ئي اهو پهريون قدم آهي جيڪو اسان کي مستقبل جي تعليمي ۽ روزگار جي موقعن تائين وٺي ويندو.
✍️ ڊاڪٽر محمد ڇتل سولنگي
لانزو انسٽيٽيوٽ آف ڪيميڪل فزڪس،
چائنيز اڪيڊمي آف سائنسز، لانزو، چين.
#Passport #Scholarships
2 weeks ago | [YT] | 0
View 0 replies
Sindhi Scholars
Eid Meelad e Nabi pak mubrak
1 month ago | [YT] | 6
View 0 replies
Sindhi Scholars
Night life of China 🇨🇳
1 month ago | [YT] | 0
View 0 replies
Sindhi Scholars
New update check our adventure journey of 7000 kilometers in chin
1 month ago | [YT] | 0
View 0 replies
Sindhi Scholars
New update
https://youtu.be/Oq8L-Xmdwn8?si=MelyT...
1 month ago | [YT] | 0
View 0 replies
Sindhi Scholars
China nights
2 months ago | [YT] | 0
View 0 replies
Load more